اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي و??ي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل ??ڪم ??ان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته ه?? فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت ج?? فيصلن ??ان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئين?? فيصلي ??ان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.