اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. ??نگ چارلس ٽئين جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيا روانو ٿيڻ کا?? اڳ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته برطانوي شاهي خاندان ??دائين پاڪستان ??و عظيم دوست رهيو آهي. ??نگ چارلس ٽيُون جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ دولت مشترڪه اڳواڻن جي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندس. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو.