اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار ??هي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان و??ت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺ??ي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو ??هي ته اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربا??ين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺ??ي رهجي ويا هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي ??هي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو ??هي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جا??ين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اسان کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق ??طا فرمائي.