اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فل??طيني علائقي جنين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل ڇاپن ۽ فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 10 فل??طيني شهيد ۽ 50 زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قابض طاقت پاران فل??طيني عوام جي خلاف تشدد جون اهي تازيون ڪارروايون فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجن. پاڪستان عال??ي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ظالماڻن ۽ غيرقانوني قدمن ??ي روڪرائڻ ۽ فل??طيني عوام جي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. بيان موجب پاڪستان فل??طيني عوام جي خودمختياري جي حق سميت انهن جي حقن ۽ آزادين جي مڪمل حاصل ڪرڻ جيل اءِ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فل??طيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.