اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ ب??ج جو افتتاح ??ري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪ??و ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ ب??ج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪ??و ويو. ان سان ٽريفڪ جي وه??ري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.