اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي گجرات، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، و??اڙ?? ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته انهن ??لندڙ مڙهن جي ڊي اين اي ??يچ??گ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنهن ??ئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.