اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين ??وزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جمشيد علي والده، ان جو استاد وحيد اشرف ۽ گوجرانوالا بورڊ جو چيئرمين ??ويد حيدر شيرازي ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وزير راڻا تنوير حسين ??ڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمشيد علي کي سندس ميٽرڪ جي امتحانن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي حوصلا افزائي جي ??اء?? 10 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جمشيد علي جا ماسٽرز تائين جا سمورا تعل??مي خرچ حڪومت برداشت ڪندي، وزيراعظم جمشيد جي ??اء?? ماهوار 30 هزار رپيا وظيفي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان کان واعدو ورتو ته هو اڳتي به تعل??مي ميدان ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. وزيراعظم شاگرد خان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهڙا هوشيار شاگرد پاڪستان جو فخر آهن، توهان جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جي به محنت شامل آهي، توهان پاڪستان جي ٻين شاگردن جي ??اء?? به رول ماڊل آهيو.