اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانب??را??ي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪ??ل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسي??. ا??ا ڳالهه هن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت ??ها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪبا?? ڏني. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.