اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفا??ي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان آ??ٽر??ليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آ??ٽر??ليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آ??ٽر??لوي هاءِ ڪمشنر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آ??ٽر??ليا پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ??ئي ملڪ مختلف شعبن ۾ هڪ ??ئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آ??ٽر??ليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آ??ٽر??ليا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو ب?? جائزو ورتو ويو.