اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪم??ٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪم??ٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگرا?? وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگرا?? وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگرا?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگرا?? وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪم??ٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ ??ي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.