اسلام آباد ??? 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ت??زي??ي بيان ۾ اطلاعات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جي سفارتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان ت??زي?? ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رياض کوکر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، رياض کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شامل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن سان نوازيو ۽ علمي خدمتون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ملڪ جي لاءِ سفارتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ رياض کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.