ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنا??اج?? تائين عالمي پهچ کي لازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حڪمت عملين ۾ معاون ٽيڪنا??اج?? جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي معاون ٽيڪنا??اج??ز جي ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ڪيو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معاون ٽيڪنا??اج?? (اي ٽي) تي پهريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزارن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي معاون ٽيڪنا??اج?? جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاون ٽيڪنا??اج?? پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضرور??ون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽيڪنا??اج?? جي ماهرن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ تعاون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽيڪنا??اج??ز ۾ سيڙپڪاري ڪن. خا??ون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 بلين ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاون پروڊڪٽ جي ضرورت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها په?? رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ماڻهن جي لاءِ استعمال، دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان کي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته معاون ٽيڪنا??اج?? انهن تائين پهچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ??ن ڏس ۾ ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معاون ٽيڪنا??اج?? تائين پهچ کي وڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پ??عز?? آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي معاون ٽيڪنا??اج?? جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معاون ٽيڪنا??اج?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي معاون مصنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معاون ٽيڪنا??اج?? جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ معاون ٽيڪنا??اج?? تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن، علم ۽ وسيلن کي ورهائڻ سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معاون ٽيڪنا??اج?? عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدم??ون خصوصي ماڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن. هن معاون ٽيڪنا??اج?? جي مسلسل جدت ۽ بهترين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.