اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻئي ملڪ ڊگهي م??ي واري ٻطرفي حصيداري کي فروغ ۽ سگهه ڏيندا. تاجڪ صدر وزيراعظم کي م??ارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هو سندس سٺي صحت ۽ پاڪستان جي پائيدار سماجي ?? معاشي ترقي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو خواهشمند آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دوست ملڪ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي م??تحڪم بڻائيندا. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان دوستي، گڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ اعتماد جي ڊگهي روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته انهن سٺڱي روايتن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. تاجڪ صدر وزيراعظم کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي موثر فروغ ۾ پاڪستان سان بين الرياستي ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ ۾ مستقل دلچسپي تي زور ڏنو.