اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي چيو آهي ته دهشتگردي سان اسان جي ??ومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو. 16 هين قومي اسيمبلي جي ??هرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي ز??دا??ي دهشتگردي جي ??عنت جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد ڪريون ٿا. صدر چيو ته دهشتگرد گروهه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف ??مل?? ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي ??وم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پنهنجي حياتي ڏني آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي ??ٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.