اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ??شميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي نماز سميت اهم مذهبي تقريبن جي انعقاد تي پابندي جي ??ارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي ??هري ماي??سي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آهي جڏهن ان تاريخي مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي۔ ترجمان چيو ته مذهبي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان ??وڪ?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي ??زا??ي جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي ??زا??ي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.