بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي اولين تر??يح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متبادل توانائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي اولين تر??يح آهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪي??ن پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پن??اب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪي??. هن چيو ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪي??ن وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪي?? ويندو.