راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان ??اري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، س??اهي اشفاق حسين خان ??هيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، س??اهي سبحان مجيد شهيد (ع??ر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، س??اهي امتياز خان ??هيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، س??اهي ارسلان ??سلم شهيد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان ??هشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.