اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلمين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ??رم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ??رم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. محسن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آ??نگ?? کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ??رم جي ٻنهي گروپن جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شا??ل هئا. وفاقي گهرو سي??ري??ري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.