اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻٿڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي آهي، جولين ٿرو راند جي اوسر جي لاءِ ارشد نديم جون خدمتون ??در جوڳيون آهن ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خو??ي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آهي، ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ راندي??رن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وزيراعظم اولمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.