اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سو?? ايوارڊ عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوا?? صدر ارشد نديم کي سو?? ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوا?? صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عا??م?? سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد نديم کي سو?? ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.