اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان آئين موجب اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي زندگي جي ??ر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. صدر ??هڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ منهنجي آئيني ذميواري آهي جنهن جو مون حلف کنيو آهي. هن چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبي اقليتي برادرين جي ??اڻهن جي اڻٿڪ خدمتن جو اعتراف ڪرڻ آهي. قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جي ڪردار کي ساراهيندي صدر چيو ته اقليت پاڪستان جا برابر جا شهري آهن، انهن کي به ترقي جو ايترو ئي حق آهي جيترو ٻين شهرين کي حاصل آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ??يزن جي اهميت تي زور ڏيندي صدر چيو ته قائداعظم جي تعليم تي مڪمل عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي جنهن جو مقصد معاشري ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ آهي. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، عالم سڳورن، مذهبي اڳواڻن، سفارتي ڪور جي ??يمبرن، ميڊيا ۽ مختلف اقليتن جي ??مائندن شرڪت ڪئي. ڀارت جي ??وجوده صورتحال جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ”مودي جو ڀارت اقليتن جي ??اءِ غيرمحفوظ آهي“، قائداعظم جي بصرت آميز شخصيت پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ انهن حالتن جو اندازو لڳائي ڇڏيو هو. صدر ??صف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام سدائين انسانيت جي ڏک ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي درد کي محسوس ڪيو ۽ هتي رهندڙ سمورن اقليتن کي مناسب احترام ۽ مقام ڏنو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي ??شهور صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ شعر به ٻڌايو. صدر ??قليتن جي ??اءِ مختلف سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين جا موقعا وڌائڻ کانسواءِ موجوده نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. تحريڪ پاڪستان جي ??اقعن کي ياد ڪندي هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن تحريڪ پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. صدر ??زه ۾ جار?? اسرائيلي جارحيت جو ذڪر ڪندي چيو ته ظالماڻا ۽ انڌاڌنڌ حملا سمورن فلسطينين ۽ مختلف مذهبن جي ??اڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اهي پيار، ڀائيچاري ۽ امن جي ??نڌڻن ۾ ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان پيغام کي پوري دنيا ۾ ڦهلائڻ گهرجي. مختلف آئيني آرٽيڪ??ز جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي شقن تحت اقليتن کي انهن جي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ اسلامي تعليم ۾ پڻ اهڙن حقن تي زور ڏنو ويو آهي. آرچ بشپ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ڊاڪٽر جوزف ارشد، هندو برادري جي ??مائندي هارون سرب ديال، سک برادري جي ??مائندي سردار گرپال سنگهه، بهائي برادري جي ??مائنده ڊاڪٽر سيما فرزاد ۽ قوم?? اسيمبلي ۽ پارسي برادري جي ??مائند?? اسفنديار ايم ڀانڊا پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو. انهن اقليتن جي حقن ۽ ڀلائي جي ??اءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليت زندگي جي سمورن شعبن ۾ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع جي ??نهنجي تاريخي تقرير ۾ سمورن مذهبي اقليتن جي ??اءِ برابر حقن ۽ مذهبي آزادي جو عزم ڪيو هو. خطاب ڪندڙن قومي سطح تي اقليتن جي ڏينهن کي ملهائڻ ۽ تازو ئي ڪرسچن ميرج ايڪٽ تي صدر پاران صحيحون ڪرڻ تي صدر ??ا ٿورا مڃيا.