اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايمپل??ئي?? اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آء??) کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏسڻ کان محروم شخص کي تاحيات پينشن جي ادائيگي يقيني بنائي جنهن کي اي او بي آء?? پنهنجي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ پينشن کان محروم ڪري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته مع??ور شخص کي رياست پاران بي رحمي جي حالت ۾ نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايمپل??ئي?? اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن هڪ مع??ور شخص کي نظرانداز ڪري وڏي بي حسي جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو به اهڙي وقت ۾ جڏهن س??دس سمورا گهرڀاتي کيس بنا ڪنهن س??اري جي ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. صدر چيو ته ايمپل??ئي?? اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن محمد شهزاد کي والد جي پينشن جي ادائيگي يقيني بڻائي. اي او بي آء?? پيدائشي اکين کان محروم شخص جي پينشن ادائيگي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ کي رياست پاران بي رحماڻي حالت ۾ نٿو ڇڏي سگهجي، افسوس جو اي او بي آء?? مع??ور شخص سان س??گين بي حسي جو مظاهرو ڪيو، اي او بي آء?? اکين کان محروم شهري کي پنهنجي موجوده فنڊز ۾ پينشن ادا ڪري. محمد شهزاد (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي هئي، محمد افضل ظفر اي او بي آء?? جو اولڊ ايج پينشنر هو ۽ هو 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي والده پيءُ جي زندگي دوران ئي لاڏاڻو ڪري چڪي هئي. محمد شهزاد والد جي ”مع??ور قانوني وارث“طور تي پينشن جي لاءِ اي او بي آء?? کي درخواست ڪئي جڏهن ته اي او بي آء?? پيدائشي اکين کان محروم شخص جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. اي او بي آء?? موقف اختيار ڪيو هو ته رڳو 18 سالن کان گهٽ عمر جا مرد فيملي پينشن جي اهل آهن جڏهن ته محمد شهزاد 44 سالن جو هو. وفاقي محتسب پاران شڪايت جي وڌيڪ جاچ بند ٿيڻ کانپوءِ شهري صدر کي اپيل ڪئي هئي. صدر شڪايت ڪندڙ جي اپيل منظور ڪندي اداري کي پينشن ادائيگي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئين جي روح موجب مع??ور شخص کي اهڙي پينشن کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، اکين کان محروم شهري پينشن حاصل ڪندڙ ڪنهن به شخص کان بهتر سلوڪ جو مستحق آهي. هن چيو ته اي او بي آء?? جي قانون تي نظرثاني ڪئي وڃي، وفاقي پاليسي موجب آندو وڃي.