اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته مسلمان امت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم ٻه واٽي تي بيٺل آهي، فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ان جا ڀاءُ جابراڻي غيرملڪي قبضي ۾ آهن ۽ انهن جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو پيو وڃي، ڄمون ۽ ڪشمير او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو گڏيل ڪاز آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستا?? ۾ ??التن کي جلد کان جلد معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي، عالمي برادري کي 25 ملين کان وڌيڪ بي سهارا ماڻهن کي مستقل انساني امداد فراهم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته مسلمان امت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم ٻه واٽي تي ٻڌل آهي، فلسطين ??ان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ان جا ڀاءُ جابراڻي غيرملڪي قبضي ۾ آهن ۽ انهن جي بنيادي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو پيو وڃي، مسلمان دنيا سميت سڄي دنيا ۾ ٽڪراءُ ڦهلجي رهيو آهي جيڪو غربت، دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروهن ۽ ٻاهرئين مداخلتن جي ڪري ٿيو آهي، وڌندڙ اسلامو فوبيا ا??ان جي قومن ۽ مسلمانن کي هر جڳهه تي امتيازي سلوڪ، تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته ا??ان جي چئلينجز کي طاقت جي وڌندڙ دشمنين، عالمي اقتصادي جمود، موسمياتي تبديلي جي اثرن ??ان گڏوگڏ عالمي يڪجهتي ۽ عدم تعاون ??ان وڌيڪ ڏکيو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ا??ان کي مسلمان امت کي درپيش انهن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اتحاد ۽ عزم ??ان جواب ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته مقدس الاقصيٰ جي بي حرمتي او آءِ سي جي جوڙجڪ جو سبب بڻي، ان تنظيم جو چارٽر فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي جاري وحشياڻي جارحيت ۽ اسلام جي مقدس ترين جاين ۽ علامتن جي خلاف ٿيندڙ توهين جو جواب ڏيڻ جي ل??ءِ پرعزم ڪارروائي جو حڪم ڏي ٿو، غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي جنگ ۾ هيستائين 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني ج?? ۾ ??ڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي شهيد ۽ اٽڪل 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گيمبيا ۾ 15 هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ گذريل مهيني سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ اسرائيل جي وحشياڻي ۽ جاري جارحيت جو جواب ڏيڻ جي ل??ءِ ڏورس فيصلا ڪيا ويا آهن، ا??ان کي پنهنجي اڳواڻن پاران متفقه هدف ۽ مقصد لاڳو ڪرڻ کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ واضح ۽ جرئتمنداڻو منصوبو تيار ڪرڻ ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ فوري ۽ غيرم??رو?? جنگبندي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته غزه جي ل??ءِ غيرمحدود انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي ان جي مجرماڻي قتل عام ۽ ايران، لبنان ۽ ٻين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جو ذميوار قرار ڏي، تڪرارن کي پوري وچ اوڀر تائين ڦهلجڻ کان روڪڻ، فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر رياست جي طور تي تسليم ڪرڻ ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست فلسطين جو قيام جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ضروري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير به او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو گڏيل ڪاز آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي پنهنجي واعدن کان مُنهن موڙي رهيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي علائقي جي حتمي فيصلي جو تعين ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ل??ءِ ريفرنڊم جي تجويز ڏني وئي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي ضم ڪرڻ جي ل??ءِ هڪطرفا قدم ??رو?? ڪيا آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقن مان هڪ آهي جتي ڀارت قابض فوج عدالت کان مٿانهون قتل، گڏيل سزائون، ڪشميري اڳواڻن جي قيد ??ان گڏوگڏ آبادياتي تبديلين سميت انتهائي سخت قدم مڙهندي رهي ٿي، ڀارتي قبضي جي خلاف انهن جي دليراڻي مزاحمت اڻٿڪ آهي، اهي پنهنجي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته ڪشمير تڪرار کي پرامن طريقي ??ان حل ۽ ڳالهين جي ل??ءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع کان کنيل هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن به قسم جي کل جوڳي ”چونڊون“ ڪرائڻ جي سمورين ڪوششن کي به رد ڪري ٿو، سلامتي ڪائونسل اهو اصول واضح طور تي بيان ڪيو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار جي ذريعي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ۾ ڪرايو ويندو، ڀارت کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آڇ کي به قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ سدائين خطرو آهي، ايستائين جو هڪ معمولي واقعو به وسيع تر تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو جيڪو خطرناڪ حد تائين وڌي سگهي ٿو، عالمي برادري ان خطري کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي سمورن ميمبر ملڪن جو ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ان گڏوگڏ 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪرڻ جي ل??ءِ انهن جي اڻٿڪ حمايت تي انهائي ٿورائتي آهي، ا??ان کي يقين آهي ته هي ڪانفرنس ٺوس فيصلا ڪندي. هن او آءِ سي جي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ منظور ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير تي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ??ان گڏوگڏ ڀارت ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کڻي. محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته اسلامو فوبيا هڪ عالمي بحران طور اڀريو آهي جنهن جو سبب قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن تي حملا ۽ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ا??ان پنهنجي ئي پاڙيسريت ۾ اسلامو فوبيا جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ مظاهر کي ڏسي سگهون ٿا، ڀارت جي 200 ملين مسلمانن جي خلاف تشدد ”هندوتوا“ جي نظريي تحت ٿيو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن اتحاد ۽ عزم جي ذريعي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي ل??ءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد کي حاصل ڪيو، هن سال 15 مارچ تي جنرل اسيمبلي او آءِ سي جي هڪ ٻي قرارداد منظور ڪئي جنهن کي پاڪستان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي قدمن بابت پيش ڪيو هو، ا?? ۾ ??سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَر کڻي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، او آءِ سي جا سمورا ملڪ ۽ خطو دهشتگردي جي خطري جو مقابلو ڪن ٿا، مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ انتهائي کاٻو پاسو، فاشسٽ نظريا، هندوتوا ۽ اسلامو فوبڪ گروهه درپيش آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي، ا??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، بدقسمتي ??ان ا??ان کي پنهنجي سرحدن جي پار کان ٻاهرئين طور تي مالي امداد، اسپانسر ۽ حمايت يافته دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، او آءِ سي کي دهشتگردي جي سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستا?? ۾ ??التن کي جلد کان جلد معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي، عالمي برادري کي 25 ملين کان وڌيڪ بي سهارا افغانين کي مستقل انساني امداد فراهم ڪرڻ گهرجي، ا??ان کي افغان معيشت ۽ بئنڪاري نظام کي بحال ڪرڻ جي قدمن بشمول انهن جي منجمد قومي اثاثن جي بحالي، منصوبابندي ??ان جوڙيل انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪٽيويٽي جي منصوبن تي عملدرآمد ۽ آخرڪار پابندين ۾ نرمي ۽ سفارتي سڃاڻپ جي پڻ حمايت ڪرڻ گهرجي، ان ??ان گڏوگڏ افغان عبوري حڪومت کي عالمي برادري جي خدشن جو جواب ڏيڻ گهرجي، ٽي ٽي پي ۽ افغانستا?? ۾ ??هندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي خلاف افغان عبوري حڪومت جي اعتماد جوڳي ڪارروائي افغانستان کي معمول تي آڻڻ جي ل??ءِ جڳهه پيدا ڪندي ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ا??ان جي ڪوششن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي آفريقا جي ملڪن ??ان يڪجهتي، دوستي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر تاريخ آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي ل??ءِ ا??ان انهن ??ان تعاون ڪنداسين، ا??ان گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ آفريقا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار جاري رکنداسين. پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته او آءِ سي آفريقا سميت جديد امن قائم ڪرڻ ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ا??ان موجوده چئلينجن کي موثر طريقي ??ان منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل قومن جي نظام کي بحال ڪرڻ جي حمايت ڪريون ٿا، بشمول هڪ اصلاح شده گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جهڙوڪ او آءِ سي جي تازي سربراهي اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته توسيع شده سلامتي ڪائونسل ۾ اسلامي امت کي ڪنهن به زمري ۾ مناسب نمائندگي حاصل هجڻ گهرجي، ايندڙ سربراهي اجلاس ا??ان جي دور جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل قومن کانپوءِ دنيا جي ٻي وڏي تنظيم جي طور تي او آءِ سي کي ان اهم ڪوشش خاص طور تي عالمي اقتصادي بحالي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ??ان پاڪستان ايندڙ ٻن سالن دوران اسلامي دنيا جي چئلينجز بشمول ڄمون ۽ ڪشمير، فلسطين ۽ وچ اوڀر، افغانستان، صوماليه ۽ ليبيا سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ فعال طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ا??ان توهان جي حمايت ۽ تعاون جا منتظر آهيون ڇو ته پاڪستان اسلامي دنيا جي گڏيل چئلينجز ۽ مقصدن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.