ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان پ??هنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تا??ين اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پ??هنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداس??ن، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن سان ڪا رعا??ت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي تعاون سان پ??هنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تا??ين پهچايو ويندو. وڏي وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.