نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري ??ي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ ??نه??جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ??نه??جي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري ??ي ضابطو آندو، ??نه??جي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان ??نه??جي ماڻهن ج?? لاءِ هڪ جهڙي طور ت?? لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري ??هيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ ??ئين دور جي شروعات هوندي.