اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي رو??نگ?? واپار کي موجوده 30 ارب ??الرن کان وڌائي 100 ارب ??الرن تائين پهچائڻ جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ملڪ جي معاشي خودمختاري ممڪن ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن رو??نگ?? واپار کي 100 ارب ??الرن تائين پهچائڻ جي حوالي سان انوويشن ليب ۾ رٿيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ رو??نگ?? واپار ۾ اضافي جي سخت ضرورت آهي. ان ويهڪ ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان خاص طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته نجي ۽ سرڪاري شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن، ايڪسپورٽرز ۽ پاليسي ماهرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته رو??نگ?? واپار ۾ گهٽتائي جو مطلب واپاري خساري ۾ واڌ آهي ۽ اهو خسارو ملڪي معيشت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اسان کي واپاري خساري کان بچڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا ته جيئن پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهجي. هن رو??نگ?? واپار جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪي ترقي ۽ قومي سيڪيورٽي جو دارومدار رو??نگ?? واپار ۾ واڌ تي آهي، موجوده حڪومت نجي شعبي کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن ملڪي شيون عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته نجي شعبي کي به پنهنجي شين جي ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ ان جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستاني شين کي هڪ مضبوط برانڊ طور متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا اسان جي محنت ۽ مهارت کي ??ُڃ??ڻي. وفاقي وزير ماضيءَ جي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت صرف گروٿ ڏيکارڻ لاءِ آمد??ي واپار جي اجازت ڏني، جنهن جو نتيجو 50 ارب ??الرن جي واپاري خساري جي صورت ۾ ڀوڳڻو پيو، آمد??ي واپار ۾ وڏي واڌ جو ڪيتو اسان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، هاڻ وقت ا??ي ويو آهي ته اسان پنهنجي 30 ارب ??الرن جي رو??نگ?? واپار کي 100 ارب ??الرن تائين پهچائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ 8 سالن ۾ اهو هدف حاصل ڪري وياسين ته اسان قرضن جي ڄار مان نڪري وينداسين، نه ته اسان کي هميشه لاءِ قرضن جي بار هيٺ رهڻو پوندو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بحث ۾ شرڪت ڪندي چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائيءَ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن. هن ننڍي ڪاروبار جي ترقيءَ کي پنهنجي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪندي چيو ته ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي اسان جي ترجيح آهي. هن رو??نگ?? واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رو??نگ?? واپار ۾ اضافو اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي ۽ ان سان رو??نگ?? واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جڏهن ته بجلي جي چوري ۽ نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جو رو??نگ?? واپار 30.6 ارب ??الرن تائين په??ي ويو آهي جڏهن ته زراعت جي شعبي جي رو??نگ?? واپار ۾ 54.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 7.95 ارب ??الرن تائين پهتو آهي. هن چيو ته مالي خسارو ۽ پرڏيهي قرض ملڪ جي معاشي خودمختاريءَ کي محدود ڪندا آهن ۽ اندروني سياسي عدم استحڪام معاشي پاليسين جي تسلسل کي متاثر ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته عالمي تحفظ پسندي جي رجحانن سبب پاڪستان جي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ مشڪل ٿي رهي آهي پر حڪومت ان چئلينج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. منصوبا بندي واري وزارت ۾ ٿيل ان بحث دوران احسن اقبال ۽ ڄام ڪمال خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته رو??نگ?? واپار ۾ اضافي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي ناممڪن آهي، حڪومت نجي شعبي سان گڏجي ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي.