اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قزاخستان جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف سان شنگهائي تعاون تنظي?? جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي لاڀائتي ملاقات ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصل??ت، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائي?? پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن قزاخستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ۽ قزاخستان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون.