اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23هون اجلاس ميمبر ملڪن وچ ۾ وسيع ڀائيواري جي عزم سان پڄاڻي تي پهتو. ان موق??ي تي وزيراعظم شهباز شريف روس جي وزيراعظم ميخائيل مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي پاڪس??ان طرفان ساڻس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ايس سي او سربراهن واري ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيندو. وزيراعظم ايس سي او سربراهي ڪائونسل ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي پڄاڻي واري تقرير ۾ چيو ته اجلاس ۾ ميمبر ملڪن پنهن??ي ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ جٽادار مستقبل لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪس??ان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي گڏيل چئلينجز کي حل ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفادن، ترقي ۽ استهڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موق??ي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه ۾ تازي جاري نسل ڪشي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. عالمي برادري کي بربريت روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آه??، جنهن تي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آه?? جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد هجن ۽ جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي دستاويزن تي صحيحيون ڪيون ويون جنهن ۾ گڏيل پڌرائي ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي فيصلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مستقل ادارن جي محنت سان ڪم کي يقيني بڻائڻ بابت فيصلا شامل هئا. ان تقريب ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ??ي اڳواڻن جن ۾ چين ??ي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قازقس??ان جي وزيراعظم اولزهاس بيڪوتينوو، روس جي وزيراعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪ وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزس??ان جي وزيرن واري ڪابينه جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، ايران جي واپار واري وزير سيد محمد اتابيڪ ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شرڪت ڪئي. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور سربراهي اجلاس م شرڪت ڪئي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراني ڪئي ۽ ترڪمانس??ان جي وزيرن واري ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف شريڪ هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين معززين ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جي چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بينڪ يونين جي چيئرمين مارات ييلي بائيف شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ??ي اجلاس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي سمورن قومي ڪو آرڊينيٽرز، ماهرن ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي عملي سميت انتظام ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کين مبارڪون ڏنيون جن دستاويزات ۽ ٻين انتظامن کي هتمي شڪل ڏيڻ ۾ دل و جان سان ڪم ڪيو.