اسلام آباد _28 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري ??ورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي عرب جي سيڙپڪاري ??ابت نائب وزير ابراهيم المبارڪ سان وڊيو لنڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. سومر ڏينهن تي ٿيل ورچوئل ملاقات ۾ سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دوري ??ي روشني ۾ سيڙپڪاري ??ي معا??لن کي اڳتي وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو .وفاقي وزير سعودي سيڙپڪاري ??ابت وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي مثبت جواب جي آجيان ڪئي . اجلاس ۾ مختلف ش??بن ۾ ٿيندڙ پاڪ – سعودي جوائنٽ وينچرز ۽ ايم او يوز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي اختيارين وفاقي سيڙپڪاري واري وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي جي ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني . وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو ويندو . هن چيو ته سعودي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي دوري ??ي روشني ۾ سيڙپڪاري کي تڪميل تائين پهچائينداسين. عمل جوڳي قدمن سان سيڙپڪاري ??ي ايجنڊا کي مڪمل ڪيو ويندو . اجلاس ۾ سعودي اختيارين سيڙپڪاري ??اري ??کڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ فالو اپ اجلاس جاري ??کڻ ۽ عملي نتيجو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق پڻ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،وفاقي سيڪريٽري ۽ نجڪاري ڪميشن واري ??يڪريٽري پڻ ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.