راولپنڊي-04 ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي دوري دوران وزيراعظم محمد شياع السوداني، دفاع ??ار?? وزير ثابت محمد سعيد العباسي، گهرو وزير عبد??لا??ير الشمري ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عبد??لا??ير رشيد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون ۽ موجوده علائقائي ماحول شامل آهن. ڌرين ٻطرفي فوجي سهڪار کي سگهه ڏيڻ ??ار?? طريقن جو به جائزو ورتو ۽ دفاعي لاڳاپن کي م??بو?? ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. عراق جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو، ان کان اڳ عراق جي هٿياربند فوج جي هيڊڪ??ار??ر پهچڻ تي چيئرمين جوائنٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.