اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن ممڪن نه آ??ي، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ مهذب ملڪن جي ذميواري آ??ي، علائقائي تعاون ۽ ڊيجيٽل اڪانومي وقت جي اهم ضرورت آ??ي، جيستائين اڪانومي جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف نه وڌنداسين اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ ايس سي او ج?? حوالي سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايس سي او ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان اڳ چائنا ميڊيا گروپ پاران ميڊيا ورڪشاپ منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چ??و ته شنگهائي فائيو کان شروع ٿيندڙ ايس سي او ۾ گذريل سال بيلاروس جي شموليت سان ان جي مستقل ميمبرن جو انگ 10 ٿي ويو آهي جهڙي طريقي سان ان فورم ۾ علائقائي مسئلن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ساراهه جوڳو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آ??ي، معيشت جي حوالي سان روزانو سٺيون خبرون اچي رهيون آهن ۽ معاشي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چ??و ته ايس سي او ج?? پاڪستان ۾ انعقاد سان پاڪستان جي تشخص ۽ روشن مستقبل کي سگهه ملندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته آستانه ۾ گذريل ايس سي او ج?? موقعي تي ڪجهه معاهدن تي اسان صحيحون ڪيون، ان حوالي سان علائقائي تعاون ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ تشدد جي خاتمي کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. هن چ??و ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا. اها قرباني رڳو پاڪستان جي لاءِ نه پر دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني وئي، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي آ??ي، دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ڪوششن سان خطي ۾ امن کي فروغ ملندو. موسمياتي تبديلي جي نقصانن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته مالياتي انضمام ۽ معاشي استحڪام ۾ ڪيترائي معاملا موسمياتي تبديلي سان واڳيل آهن، اسان کي پائيدار ترقي جي راهه ۾ موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڏو چئلينج درپيش آ??ي، اسان گڏيل قومن سميت هر فورم تي ان مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي هن چ??و ته ٻيا ملڪ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته اسان موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا تي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهنداسين. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان جيتري آگاهي پيدا ڪئي وڃي ايتري گهٽ آهي. هن چ??و ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي ايجنڊا تي جتي دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي سلامتي جي ايشوز تي ڳالهه ٿيندي، اتي موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا پڻ غور هيٺ ايندي. هن چ??و ته هن وقت اسان جي پائيدار ترقي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ مسئلو موسمياتي تبديلي آهي. حڪومت جو موسمياتي تبديلي تي وڏو فوڪس آ??ي، اسان سمجهون ٿا ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪريون ته ان سان نه رڳو پاڪستان پر ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ پڻ فائدو کڻي سگهندا. عالمي امن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسان سدائين ايس سي او ج?? پليٽ فارم تي عالمي امن جي ڳالهه ڪئي آ??ي، آستانه ۾ ايس سي او ج?? گذريل اجلاس ۾ اسان فلسطين جي مسئلي تي زور ڏنو هو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو هو ته وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن ممڪن نه آهي. هن چ??و ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ مهذب ملڪن جي ذميواري آهي. وچ اوڀر ۾ جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته دنيا کي ان جو نقصان ٿيندو. هن چ??و ته دنيا کي اهو مڃڻو پوندو ته فلسطين ۾ باقاعده منصوبابندي تحت معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آ??ي، جنگ جي آڙ ۾ شهري آبادين، اسپتالن، ٻارن ۽ عورتن کي وائيٽ فاسفورس، بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻ??يو پيو وڃي. هن چ??و ته اهي ڪهڙا جنگي اصول آهن جنهن تحت اسرائيل وائيٽ فاسفورس ۽ منع ٿيل هٿيار استعمال ڪري فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي؟ هن چ??و ته فلسطين ۾ هڪ آٽسٽڪ ٻار کي به نشانو بڻ??يو ويو، ان ٻار جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ ان ڪهڙي طرح اسرائيل جي سيڪيورٽي کي متاثر ڪيو هو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب آهي ۽ اهو به نه ڏسي رهيو آهي ته هو ڪنهن اسپتال تي بمباري ڪري رهيو آهي ۽ ٻارن کي ماري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ايس سي او ج?? ميمبر ملڪ هجڻ جي طور تي پنهنجي ذميواري سمجهندي اهي نقطا اجاگر ڪيا ته فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي ۽ اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آ??ي، اسرائيل جو احتساب ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته جڏهن اسان امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڇا اهو ممڪن آهي ته اسان کان ڪجهه پري نسل ڪشيءَ جي مهم هلي رهي هجي، جنگي ڏوهه ٿي رهيا آهن ۽ انهن جنگي ڏوهن ۾ ملوث ملڪ جو احتساب به نه ٿئي ۽ امن قائم ٿي وڃي؟ هن چ??و ته اهو تمام وڏو ايشو آهي جنهن کي حل ٿيڻ گهرجي. اسان ايس سي او ۽ گڏيل قومن جي فورمز تي فلسطين جي معاملي تي موثر ۽ زوردار آواز اٿاريو آهي. فلسطين جي معاملي تي اسان جو واضح موقف آ??ي، اسان 1967ع کان اڳ جي فلسطيني سرحدن کي تسليم ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن سوال ڪ??و ته وچ اوڀر ۾ امن کانسواءِ جڏهن دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي ته پوءِ علائقائي سلامتي ۽ تعاون ڪيئن اڳتي وڌندو؟ مالياتي انضمام ۽ معاشي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي هڪ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ آهي جيڪا اسان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن، علائقائي پارٽنرز ۽ وچ اوڀر سان واپار جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چ??و ته اسان وٽ ڪراچي ۽ گوادر جون بندرگاهون موجود آهن، زميني رستا آهن، جتي اسان ٻين ايشوز جي ڳالهه ڪريون ٿا اتي تمام اهم آهي ته اسان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ مالياتي انضمام ۽ معاشي تعاون تي زور ڏيون. هن چ??و ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 8.8 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موصول ٿيو ج??ڪو هڪ رڪارڊ آهي. اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ ايترو اضافو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو. هن چ??و ته اسان جو آءِ ايم ايف پروگرام 7 ارب ڊالر جو آهي ۽ ٽن مهينن جو مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر آهي. وفاقي وزير چ??و ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چ??و ته مالياتي انضمام، معاشي تعاون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آ??ي، اسان وٽ دنيا جو ٻيو وڏو انگ فري لانسرز جو آهي. هن چ??و ته اسان جو ٽيڪنالاجي جو شعبو اڳتي وڌي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ضروري آ??ي، جيستائين اڪانومي جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف نه وڌنداسين اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وينداسين. هن چ??و ته اسان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم شروع ڪيو، تمام گهٽ وقت ۾ ٽيڪس فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي. هن چ??و ته پاڻ ۾ تعاون ۽ رابطي جي فروغ جي لاءِ مالياتي انضمام ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جو وڏو اهم ڪردار آ??ي، اهڙا ملڪ جيڪي ڊيجيٽل ڊومين ۾ وڌيڪ مهارت رکن ٿا، اسان انهن سان وڌيڪ حصيداري ڪري سگهون ٿا، سنگل يونيفائيڊ نظام يعني ڊيجيٽل اسپيس سمورن ملڪن کي ميسر هجڻ گهرجي ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جو اهڙو پليٽ فارم آڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان سمورا ملڪ فائدو کڻي سگهن. هن چ??و ته پاڪستان ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آ??ي، ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جو پاليسي ريٽ هيٺ آيو آ??ي، اسان جو آءِ ٽي ايڪسپورٽس 3.2 بلين ڊالر تي آ??ي، مجموعي روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آ??ي، معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، اهي سموريون شيون علائقائي تعاون کانسواءِ ممڪن نه هيون. هن چ??و ته دوست ملڪن سان تعاون ۽ معاهدن کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو نه ٿو ٿي سگهي. بهتر ۽ روشن مستقبل جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ڊيجيٽل اڪانومي طرف وڌون، ايس سي او سان اسان جو روشن مستقبل واڳيل آ??ي، ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان اسان پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين. هن چ??و ته ثقافتي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا ضروري آ??ي، اسان کي پنهنجي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. انشاءَ الله خطي جي عوام جي لاءِ خوشحالي آڻينداسين.