اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ??رو??ت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ??رو??ت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر د??خل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو مع??ار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ??ان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.