اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پنهنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي ??هي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنهنجي گراهڪن کي تسليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي ??هي آهي، ڀائي ??ان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پنهنجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ??اب?? ڪيو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ??لڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي ??ان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي ??هيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت ??ان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي ??هي هئي.