اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته ??ها ٽاسڪ فورس جا مقصد حاصل ڪ??ڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??بادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪندي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪ??ڻ جي ضرورت آهي.