اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اع??يٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.