اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿ??نه??ن ٿي پاڪستان س??يزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي ??نه?? قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا خت?? ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم آفيس مان لاڳاپيل ??دا??ن ڏ??نه?? وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پورٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان س??يزن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان س??يزن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ??يو. پاڪستان س??يزن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان س??يزن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پورٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪيون آهن، ان تي سٽيزن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ??دا??ن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ??دا??ن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، ??نه?? جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتون ڪري سگهجن.