ا??لا?? آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هل??دڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عال??ي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو ??ڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آباد?? ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هل??دڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائج??دڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.