پشاور– 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پ??ڪستان ۾ اڄ ڪلهه بنار??ي ٺڳن جو ٽولو افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر عوام ج??هن 2018ع جي عام چونڊن ۾ ان ٽولي کي رد ڪيو هن ڀيري به انهي ٽولي کي ناڪامي ۽ نامرادي جي ور چاڙهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته پ??ڪستان ۾ موجوده سياسي ويڙهه ٻن قوتن جي جنگ آهي هڪ قوت اها ج??هن 40 سال ملڪ جي اقتدار کي ذاتي جاگير طور استعمال ڪيو ۽ ان دوران ذاتي مفادن جي پ??اڻ?? ڪئي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اثاثن ۾ اضافو ۽ مال ۽ دولت ٺاهڻ لاءِ قومي ادارن کي تباهي جي ور چاڙهڻ کان به پ??سو نه ڪيو، جڏهن ته ٻي طرف عمران خان ۽ ان جي ٽيم آهي جيڪا امانت ۽ ديانت جي تقاضائن جي پ??اڻ?? ڪندي ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي جي تباهڪارين جي اثرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ ان کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڏي??هن رات محنت ڪري رهي آهي.