اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان ا??لام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ ل??ءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مدين?? جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي ا??رم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران ا??حاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي ص??ر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز مواد جي ڇپائ?? جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونساز?? جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.