تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن ب?? عوام بدران ذات?? مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن بلوچستان کان وڌيڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر بلوچستان کان وڌيڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياس?? مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري بلوچستان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور ??بقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بلوچستان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معاشي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سا??ن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.