اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي استحڪام جي ثمرن کي جلد عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ ن??ڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر ۽ وقار مس??ود کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.