اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لا??اپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام ک?? والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان م??جب ملاقات ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لا??اپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.