اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۽ حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو عور??ن جي لاءِ هڪ صحتمنداڻي ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائين ڇو ته ان جو مڪمل ۽ ذميدار ڪردار هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان کي ??اصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن اها ڳالهه هم وومن ليڊرز ايوارڊز 2021ع جي تقريب کي ??طاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام هم نيٽ ورڪ ڪيو. هن چيو ته نئين پاڪستان جو قيام هڪ بدلجندڙ پاڪستان، ترقي پسند پاڪستان ۽ ڪامياب پاڪستان حاصل ڪرڻ صرف انهي وقت ممڪن ٿي سگ??ي ٿو جڏهن عورتون ذميداري سان پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪنديون. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، شفقت محمود، سفارتڪارن، مشهور شخصيتن، شوبز، ميڊيا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. اهو ڏينهن عور??ن جي انساني حقن، ڇوڪرين جي تعليم، هٿياربند فوج، پوليس سروسز، ماحولياتي تحفظ، فائن آرٽس جي شعبي ۾ انهن جي ڪردار جي اعتراف ۾ پاڪستان آرمي جي سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل گنار جوهر، نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي، مشهور صوفي گلوڪاره عابده پروين، انساني حقن جي ڪارڪن عائشه چندريگر، پشتون خاتون ڪارڪن تبسم عدنان، انساني حقن جي ڪارڪن حنا جيلاني، ماهر علم ۽ تاريخ عائشه جلال، ميڪ اپ آرٽسٽ مسرت مصباح، اردن جي شهزادي ثروت الحسن، ڊي ايس پي شهزادي گلفام، ايڪواڊور جي سياستدانن ۽ عور??ن جي حقن جي ڪارڪن ماريه فلانڊا، ايس پي ??ورساگارسس کي ??يوارڊ ڏنا ويا جڏهن ته ملڪ رفيق اعواڻ کي پنهنجي پنجن ڌيئرن کي ??عليٰ تعليم ڏيارڻ ۽ سي ايس ايس جي امتحانن جي لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ تي به ايوارڊ ڏنو ويو. ان جي ٻن پٽن پنهنجي والد کي ??يوارڊ ڏنو. مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي ??عليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ کانسواءِ معاشري ۽ حڪومت کي گهرجي ته هو ان حد تائين انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائين ته جئين انهن کي ڪنهن به طرح حراسان نه ٿين ۽ پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته عور??ن جي لا ڪوششون ڏهاڪن کان جاري آهن. هن فاطمه جناح، بيگم رانا لياقت علي خان جي فعال ڪردار جي به واکاڻ ڪئي ۽ هم نيٽ ورڪ جي صدر سلطانه صديقي جي خدمتن کي ??راج تحسين پيش ڪيو.