اسلام آباد – 20 R11; مئي (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ روشن ??جيٽل اڪائونٽ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري کانپوءِ اتي رهندڙ پاڪستانين جي روشن ??جيٽل اڪائونٽ جي استعمال ۾ اضافي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي چڱي خاصو مثبت اثر پئجي رهيا آهن.