اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ??ان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه محمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪ??ي افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ت??جي?? ڏيڻ گهرجي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. ا??ان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.