اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ??ال??ي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آ??ي. ملاقات دوران افغانستان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وز??را??ظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وز??را??ظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ان ڳالهه کي به اجاگر ??يو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وز??را??ظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وز??را??ظم ان موقعي تي اٽلي جي وز??را??ظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.