اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان ج?? مقصد آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد حس??ن چيو ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي تع??يم ۽ ان ج?? فرمانن ج?? اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن ج?? گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته اڄ اسان ج?? مسئلن ج?? وڏو سبب ان تع??يم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پ??ند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پ??ند ۽ جمهوري پاڪستان ج?? خواب جي تعبير ڪندي.