اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويس?? جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائم?? جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته عم?? جي ڪ??هن به حصي ۾ ڪ??هن جو محتاج نه بڻجي، عم?? جي آخري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ??يڊ??ڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاندان جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائم?? جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائم?? جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي م??هن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.