لاهور – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار عملي طور تي صوبي جي خدمت ڪري رهيو آهي، پنجاب حڪومت 540 ارب رپيا صوبي ۾ يونيورسٽين، صحت سميت ٻين وڏن پراجيڪٽ تي خرچ ڪي?? آهن، عوام کي صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، مخالف ڌر کي حڪمت عملي ٺاهڻ جو پورو اختيار آهي، اڳ ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهندا رهي?? آهن، مخالف ڌر پاڻ ته اڳ ۾ هڪ ٿي و??ي، مخالف ڌر سياسي بيروزگارن جو ميڙ آهي. هو مقامي هوٽل ۾ اسڪول آف موٽيويشنل جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چي?? ته عوام کي سستي کنڊ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وي?? آهن، شگر ملز جي اسٽاڪ بابت قدمن تي حڪومت کي منع ناما درپيش آهن، پاڪستان ۾ جمهوري عمل هلندو رهڻ گهرجي، سندس چوڻ ه?? ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. ان موقعي تي ايم پي اي سعديه سهيل راڻا، اسڪول آف موٽيويشنل جي انتظاميا سميت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. مملڪتي وزير چي?? ته مخالف ڌر اين آر او جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اتحادين جي خدشن کي ختم ڪنداسين، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ اتحاد ڪرڻا پوند?? آهن. پنجاب جي اڳوڻي و??ي وزير شهباز شريف تي تنقيد ڪندي هن چي?? ته 10 سالن تائين پنجاب ۾ ڪيٽ واڪ وڏو وزير رهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان سياسي اتحاد بابت ڪا ڳالهه غور هيٺ نه آهي، سندس چوڻ ه?? ته شهباز شريف تي 7 ارب رپين جي ٽي ٽيز ۽ 25 ارب رپين جي جعلي اڪائونٽ جو ڪيس آهي. هن چي?? ته احتساب جو عمل جاري آهي، نواز شريف جون ملڪيتون نيلام ٿي رهيون آهن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چي?? ته اسان کي و??ا ڪم ڪرڻ?? آهن ۽ هن ئي پاڪستان ۾ ڪرڻ?? آهن، پنهنجي پنهنجي حصي جو اسان سڀني کي ڏيئو ٻارڻو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان اسان کي ويل لفٽ ڪرڻ سکيو، اسان کي احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چي?? ته پنهنجي پنهنجي مئچ ناهي کيڏڻي پر ڪرڪيٽ ٽيم وانگر هڪ بڻجي پاڪستان جي مئچ کيڏڻي آهي ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي و??ڻو آهي. هن چي?? ته اسان وٽ بهترين پروفيشنل ۽ ٽيلينٽيد ماڻهو موجود آهن، اسان کي پنهنجي ويليو، ڪلچر ۽ پنهنجي زمين تي فخر ڪرڻ گهرجي ۽ درگذر ڪندي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجن. هن چي?? ته زندگي جو هڪ مقصد هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏو مقصد انسانيت جي ڀلائي جو مقصد هوندو آهي، اسان کي تنقيد براءِ تنقيد بدران اصلاحي تنقيد ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته وڏو ماڻهو سدائين پنهنجي خواهشن جي خلاف وڙهندو آهي، اسڪول آف موٽيويشنل جو باني شهواز بلوچ هڪ هلندڙ گهمندڙ داستان آهي، پاڪستان کي اهڙن هونهار فرزندن جي ضرورت آهي. شهواز بلوچ پنهنجي ڏاهپ سان ان مقام تي پهتو آهي. اسڪول آف موٽيويشنل سندس تمام وڏو ادارو آهي. هن چي?? ته شهواز بلوچ پنهنجي ڪنهن ڪمزوري کي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ نه سمجهيو. تقريب کي موٽيويشنل اسپيڪر قاسم علي شاهه، اسڪول آف موٽيويشنل جي سربراهه امتياز بلوچ ۽ شهنواز بلوچ سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.