اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افغانستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پا??يسري ملڪن، خطي ۽ ??ي دنيا تي پوندا، عالمي برادري، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي. اهي ڳالهيون هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ڪيون جنهن وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل او آءِ سي جو منصب سنڀالڻ تي حسين ابراهيم طحهٰ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان ک?? اميد آهي ته او آءِ سي توهان جي رهنمائي ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ فعال ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي جي باني رڪن طور تي، پا??ستان تنظيم جي قدرن ۽ مقصدن جي پاسداري لاءِ پرعزم آهي. پا??ستان او آءِ سي ک?? امت جو واحد ۽ موثر آواز جي طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ به پرعزم آهي. هن چيو ته پا??ستان 22 -23 مارچ 2022ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني جو منتظر آهي، هڪٻئي پويان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پا??ستان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. پا??ستان او آءِ سي جي مختلف ميمبر ملڪن سان گڏيل طور تي سائنسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو، ان سلسلي ۾، آءِ سي ٽي، طب، تعليم، وڏي صنعتي ۽ زرعي مشينري جي مٽاسٽا پا??ستان جي خصوصي دلچسپي جي شعبا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته او آءِ سي، مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ هڪ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻو پوندو. شاهه محمود قريشي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته افغانستان ۾ 40 سال کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ افغانين کي مفاهمت ۽ نئين سر تعمير جي قابل بڻائڻ جو هڪ موقعو موجود آهي. افغانستان سان عالمي برادري جي سفارتي ۽ سياسي رابطا افغانستان ۾ ڊگه?? امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن، عالمي برادري ج?? اميدن ۽ افغانستان ۾ زميني حقيقتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته افغانستان جي معيشت کي شديد چئلينجز درپيش آهن، افغانستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پا??يسري ملڪن، خطي ۽ ??ي دنيا تي پوندا، پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان هڪ پا??يسري ملڪ جي طور تي افغانستان کي انسان?? امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پا??ستان گڏيل قومن ۽ افغانستان کي انسان?? امداد فراهم ڪرڻ جو خواهشمند ٻين ادارن جي ذريعي افغانستان کي عالمي انسان?? امداد جي فراهمي ۾ مدد لاءِ تيار آهي. اسان سمجهون ٿا ته انساني بنيادن ت?? امداد جي فراهمي کي مشروط ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته افغان معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سسٽم جي بحالي لاءِ ميڪنزم ڳولڻ جي ضرورت آهي. افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ، نئين سري سان تڪرارن کي روڪڻ ۽ افغان پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀارتي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ج?? امن امان کي درپيش خطر?? کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪشميرين جي لاءِ او آءِ سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا. او آءِ سي جي قراردادن ۽ بيانن سان معصوم ڪشميرين جي حوصلا افزائي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته پنج آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدم?? کانپوءِ، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي غير قانوني طور تي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هندستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوجين جي ذريعي، انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بدستور جاري آهن، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ معصوم ڪشميري او آءِ سي طرف ڏسي رهيا آهن، آئون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي ڀارتي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ توهان سان بطور او آءِ سي جي جنرل سيڪرِيٽري ذاتي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻ جي درخواست ڪندس، پا??ستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب، ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو گهرجائو آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي.